قاضي عزيز الله ڏيٿو مٽياروي

قاضي عزيز الله ڏيٿو مٽياروي : قرآن پاڪ کي پهريون ڀيرو سنڌيءَ نثر ۾ ترجمو ڪندڙ عالم بزرگ، قاضي مخدوم عزيز الله مٽياروي ولد قاضي محمد ڏيٿو 1774ع ڌاري مٽياريءَ ۾ ڄائو. سندس وڏا اصل ۾ ٺٽي ۾ رهندا هئا، جيڪي بعد ۾ لڏي اچي مٽيارين ۾ ويٺا. سندس خاندان مان ڪيترائي حديث جي علم جا ڄاڻو، مفڪر ۽ فقيهه ٿي گذريا آهن ۽ مختلف حڪمرانن طرفان قضا جي عهدن تي فائز رهيا آهن. ان ڪري سندن خاندان ’قاضي آخوندن‘ جي نالي سان سڏجي ٿو.عزيزالله قرآن پاڪ سميت سنڌي جي تعليم پنهنجي گھر ۾ مولوي محمد عثمان مٽيارويءَ وٽان حاصل ڪئي. مختصر عرصي ۾ ئي علم حديث، فقهه، تفسير، تصوف ۽ معقولات جو ڄاڻو ۽ عالم بنجي ويو. ظاهري تعليم جي حصول کانپوءِ پنهنجي وڏن جي مرشد، درگاهه لنواريءَ جي چوٿين سجاده نشين خواجه محمد حسني مدنيءَ جي هٿ تي بيعت ڪري باطني علم جي حصول لاءِ درگاهه تي رهيو. لنواريءَ جي درگاهه ۾ موجود ڪتبخاني مان مستفيد ٿيو ۽ ان سان گڏ پڙهائيندو به رهيو. هن جو ٽالپر حڪمرانن جي درٻار سان سٺو، واسطو هو. 1844ع ڌاري لنواريءَ جي بزرگن خلاف چارلس نيپيئر پاران بمبئيءَ ۾ داخل ڪرايل مقدمي ۾ درگاهه لنواريءَ جي سجاده نشين جي پاران هن ڪيس جي پيروي ڪئي. هي پهريون سنڌي عالم آهي، جنهن سنڌي نثر ۾ قرآن پاڪ جو ترجمو ڪيو، جيڪو 1841ع ۾ ڇپيو. قرآن پاڪ جو ٻيو ڇاپو بمبئيءَ مان 1876ع ۾ ڇپيو، ساڳئي قرآن پاڪ جو ٽيون ڇاپو 1909ع ۾ مطبع ڪريمي بمبئيءَ پاران شايع ٿيو. هن قرآن پاڪ کي پهرئين ڇپيل سنڌي ڪتاب جو اعزاز حاصل آهي. ان کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن ۾: قصيده غوثيه (شرحصحيح موتيا (حاشيه)، تفسير جلالين جو قدافلح کان والناس تائين ترجمو شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو